گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جي ڀارتي الزامن کي سختيءَ سان رد ڪندي چيو آهي ته اها ڳالهه حيران ڪن آهي ته هڪ اهڙو ملڪ جيڪو پاڻ دهشتگردي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي ۽ جنهن پنهنجي پاڙيسري ملڪن خلاف دهشتگردي کي رياستي پاليسي طور تي اختيار ڪري رکيو آهي، اهو ٻين تي دهشتگردي جا الزام لڳائي رهيو آهي. پاڪستاني نمائندي گل قيصر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽري طرفان لڳايل الزامن تي جواب ڏيندي چيو ته اهو ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته هي ملڪ دهشتگرديءَ تي ليڪچر ڏئي رهيو آهي جڏهن ته پاڻ دهشتگرديءَ جي سرپرستي ڪرڻ واري رياست آهي ۽ عالمي سطح تي قاتلاڻي مهم هلائي رهيو آهي. ڀارتي نمائندو جيڪو ليڊرشپ فار پيس جي موضوع تي سلامتي ڪائونسل ۾ بحث دوران پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تقرير تي ردِعمل جو اظهار ڪري رهيو هو جنهن ۾ پاڪستاني وزيراعظم افغانستان خاص طور تي داعش خراسان (آءِ ايس آءِ ايل- ڪي) ۽ فتنه الخوارج طرفان دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن کي اثرائتي طريقي سان روڪڻ تي زور ڀريو آهي. ڀارتي نمائندي کي جواب ڏيندي پاڪستان تي دهشتگردي جا الزام لاڳو ڪيا. پاڪستاني نمائندي پنهنجي جواب جو حق استعمال ڪندي ڀارت تي حقيقتن کي بگاڙڻ ۽ ڪوڙي بيانيي جي پرچار ڪرڻ جو الزام لاڳو ڪيو، جنهن سان نه صرف پاڪستان کي بدنام ڪيو پيو وڃي پر ان جي اندروني چئلينجز ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي هٿين خالي ڪشميرين خلاف پنهنجي رياستي دهشتگردي کان علاوه ڀارت پاڪستان خلاف دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ بلوچستان لبريشن آرمي جي ڀارتي سرپرستيءَ جا چِٽا ثبوت موجود آهن جيڪي سڄي پاڪستان ۾ شهرين ۽ فوجي هدفن خلاف ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث آهن. پاڪستاني نمائندي وڌيڪ چيو ته هڪ حاضر سروس ڀارتي بحريه جي آفيسر ۽ـ ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”را“ جي آپريٽو ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري ۽ سزا پاڪستان خلاف ڀارت جي رياستي سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگردي جو ترديد جوڳو ثبوت آهي، جنهن ۾ پاڪستان اندر ٽارگٽ ڪلنگ به شامل آهي. هاڻ ڀارتي دهشتگرد فرنچائز اوڀر آمريڪا جي ڌرتي تي سياسي مخالفين جي قتل ۽ اراده قتل جي ڪوششن سان عالمي سطح تي هلي وئي آهي. هن چيو ته ڀارت کي پنهنجي رياستي سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگرديءَ کي ختم ڪرڻ گهرجي. ڄمون ڪشمير تي پنهنجو غير قانوني قبضو ختم ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي قانون تحت پنهنجين ذميدارين کي پورو ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت کي ان جي دهشتگرداڻي سرگرمين لاءِ جوابدار ٺهرائڻ گهرجي. ڪشمير جي حوالي سان پاڪستاني نمائندي چيو ته ڪشمير جو مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل آهي، جنهن ۾ قراردادن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڄمون ڪشمير جو حتمي فيصلو سندس عوام گڏيل قومن جي نگرانيءَ هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪندو. پاڪستاني نمائندي چيو ته مان ان ڳالهه جي تصديق ڪريان ٿو ته ڄمون ڪشمير هڪ عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي. اهو ڪڏهن به ڀارت يا ان جو اندروني معاملو نه هو ۽ نه ئي ڀارت جو حصو هو.