اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪي معيشت جي ترقي ۾ سڄي ملڪ جون چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز لائف لائن جي حيثيت رکن ٿيون، وزيراعظم عمران خان جي ڪوويڊ 19 جي روڪٿام جي لاءِ ڪامياب حڪمت عملي جي ڪري اڄ پا??ستان ۾ سمورريون ڪاروباري سرگرميون کلي ويون آهن، واپاري ۽ ڪاروباري برا??ري جي نمائنده چيمبرز کي يونيورسٽين سان رابطو به??ر بڻائڻ گهرجي ته جيئن نئون نسل به ڪاروباري اصولن ۽ قدرن کي سمجهي سگهي، هو اسلام آباد چيمبر ۾ ايڪسپورٽ ڊسپلي سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.