اسلام آباد ??? 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجرا??ي چيو آهي ته چين س??ن دوستاڻي لاڳاپن تي پوري پاڪستاني قوم ۽ سياسي قيادت هڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير يائو جنگ جي اعزاز ۾ ڏنل ??جياڻي جي موقعي تي ڪيو، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته چين س??ن مضبوط لاڳا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهن ۽ پاڪستان ۽ چين جي دوستي تاريخي ۽ مثالي آهي، هن چي وته سمورا ادارا ۽ سياسي قوتون چين س??ن لاڳاپن تي متحد آهن ۽ سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو ۽ سي پيڪ خطي جي ترقي جو لنگهه آهي.