اسلام آ??اد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ملڪ واپس آڻينداسين، ن ليگ ملڪ کي ڪنگال ڪيو، نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهباز شريف نواز شريف جي ضمانت ڏن?? هئي، جيڪڏهن نواز شريف ٺيڪ آهي ته ان جي اخلاقي ذميداري آهي ته هو واپس اچي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ماڻهن کي مشڪلاتون آهن ۽ هي اتي عياشي جي زندگي گذاري رهيا آهن، لنڊن مان نيون تصويرون موڪلي رهيا آهن، هن چيو ته ليگي قيادت سمجهي ٿي ته هو قانون جي دائر?? کان ٻاهر آهن پر اسان کين واپس آڻينداسين.