اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ نمايان گهٽتائي حڪومت جي وڏي ڪا??يابي آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪا??فرنس ۾ هن چيو ته حڪومت کي شروع ۾ ئي پرڏيهي ناڻي جي گهٽ ذخيرن جو مسئلو درپيش هو، آمدني واپار تي پرڏيهي ناڻي جو ??اٿو روانگي واپار کان ٻيڻ کان به وڌيڪ هو، ان جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب جي لڳ ڀڳ پهچي ويو هو، حڪومت ان ڏس ۾ ٺوس قدم کنيا، روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، حڪومت جي ڪوششن سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر مان گهٽ ٿي 3 ارب ڊالر جي سطح تي آندو ويو، اها هڪ وڏي ڪا??يابي آهي.