اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر سان وزيراعظم جي پارلياماني م??ام??ن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظهير الدين بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي 5 جون کان شروع ٿيندڙ اج??اس جي انتظامن ۽ قانون سازي جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر پارلياماني صلاحڪار کي قومي اسيمبلي جي 5 جون کان شروع ٿيندڙ اج??اس لاءِ ڪيل انتظامن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. اسپيڪر ??سد قيصر چيو ته ڪورونا وائرس وبا جي خطرن کي نظر ۾ رکندي قومي اسيمبلي جي 5 جون کان شروع ٿيندڙ اج??اس لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي پارليامينٽ ??ائوس ۽ پارليامينٽ ??اجز ۾ موثر انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.