اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) صحت واري خاص معاون ??اڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هيلٿ ورڪرز جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي قومي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان حڪومت انهن ??ي حفاظت کي اولين ترجيح ڏي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال جي دوري جي موقعي تي ??حافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي هيلٿ وارو وفاقي سيڪريٽري عامر اشرف خواج?? ۽ ??ي جي هيلٿ پڻ ساڻس گڏ هئا. خاص معاون ??اڪٽر ظفر مرزا ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جاري انتظامن ۽ قدمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر درپيش چئلينجز ۽ قدمن بابت بريفنگ ڏني.