اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته غريب، لاچار ۽ پٺتي پيل علائقن جي رهواسين کي رليف پهچائڻ وزيراعظم عمران خان جو عزم آهي، حڪومت مشڪل حالتن ۾ قوم کي اڪيلو نه ڇڏيندي، وزيراعظم جو بل??چس??ان جو دو??و پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ ڪورونا جي خلاف جاري ??ومي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ آهي، متحد ٿ?? چئلينج تي ضابطو آڻينداسين ۽ سرخرو ٿينداسين.