اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاع??ت ۽ نشريات واري خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان پاڪ فوج جي سربراه?? جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازم?? جي مدي ۾ توسيع بابت ڪيس جي تفصيلي فيصلي تي نظرثاني واري درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اپيل ۾ اعلي عدليه جي فيصلي ۾ موجود قانوني جهولن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، نظرثاني اپيل کانپوءِ به پارليامينٽ وارو آپشن موجود آهي، اي اين ايف راڻا ثناءُ الله جي ضمان?? جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي اپيل داخل ڪندي، ميڊيا ۾ ملزم جو نه اي اين ايف جو ٽرائل ٿي رهيو آهي، اي اين ايف اهم قومي ادارو آهي ان کي سياس?? جي ور نه چاڙهيو وڃي، جلالپور ڪينال جي تڪميل سان علائقي ۾ خوشحالي جي نئين لهر ايندي. هو صحافين سان ڳالهائي رهي هُئي.