اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سبب متاثر عورتن جي شرح ايشيا جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ڇاتي جي ڪينسر سبب قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيو?? آهن جنهن جي روڪٿام ا??ان سڀني جي ذميداري آهي، اها ڳالهه بيگم ثمينه عارف علوي اسلام آباد ويمن چيمبر جي اهتمام هيٺ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته حڪومت ان مرض جي جلد سڃاڻپ لاءِ ڪوشا?? آهي ته جيئن عورتن جي جان بچائي سگهجي ڇو ته بروقت مرض جو علم هجڻ ??ان مريض جي بچڻ جا امڪان 80 سيڪڙو تائين هوندا ??هن، هن چيو ته ملڪ ۾ ساليانو 90 هزار جي لڳ ڀڳ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن جڏهن ته 40 کان 45 هزار موت ٿيندا ??هن جنهن ۾ اڪثريت کي بچائي سگهجي ٿو جنهن لاءِ ا??ان سڀني کي گڏجي پنهنجي ذميداري ادا ڪرڻي پوندي.