اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگ?? ايران جي شهر ڪرمان ۾ دهشتگرد حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام پاران ايران جي حڪومت ۽ عوام س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي ان بزدلاڻي فعل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، پاڪستان سميت خطي جا اڪثر ملڪ دهشتگردي جو شڪار آهن، اسان دهشتگردي جي نتيجي ۾ ان ڏک کي سم??هي سگهون ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ايراني حڪومت ۽ ايران جي عوام س??ن گڏ بيٺل آهيون، اسان جون دعائون ايران جي حڪومت ۽ عوام س??ن گڏ آهن. اطلاعات ۽ پارلياماني مع??مل?? واري نگران وفاقي وزير متاثرين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.