اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خصوصي معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري آمريڪا ۾ ڪم ڪندڙ مسلم??ن تنظيمن تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي انتهاپسند حڪومت جي ظلمن کي من??ن ڏيندڙ معصوم ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪن، مسلمان برادري کي ڪشميرين جي حمايت ڪرڻ گهرجي ڇو ته ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد هڪ اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ مسلم ادارن جي سربراهي ڪندڙ سڄي دنيا س??ن تعلق رکندڙ آمريڪي مسلمانن جي و??د سان م??اق??ت دوران ڪيو.