GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

نگران وفاقي ڪابينا پاران مُلڪ ۾ ڀنگ جي پوکيءَ لاءِ ڪينابيس ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2024ع، وفاقي تعليمي ادارن جي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ 227 استادن کي مستقل بنيادن تي مقرر ڪرڻ ۽ جبري گمشدگين تي ٺاهيل ڪابينا ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي

image

اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا مُلڪ ۾ ڀنگ جي پوکيءَ لاءِ ڪينابيس ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2024ع جي اصولي منظوري ڏيندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ وفاقي تعليمي ادارن جي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ 227 استادن کي مستقل بنيادن تي مقرر ڪرڻ ۽ جبري گمشدگين تي ٺاهيل ڪابينا ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ باجوڙ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ڪابينا شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته رياست شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي، شهيد پوليس اهلڪارن اسان جي ايندڙ سڀاڻي جي لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪري ڇڏيو، رياست انهن جي پونئيرن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ انهن جي ڀلائي جو هر ممڪن خيال رکيو ويندو. هن چيو ته دهشتگرد جيتري قدر بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا انهن جي خلاف رياست جي ردعمل ۾ ايتري ئي شدت ايندي، دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن جي عزم کي هارائي نه ٿا سگهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين پوليو جي خاتمي وارو مشن ڀرپور طريقي سان جاري رهندو. نگران وزيراعظم پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومتي ڪوششن ۾ پاڪ فوج، پوليس، پوليو ورڪرز ۽ ٻين ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. وفاقي ڪابينا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2018ع جي فيصلي جي روشني ۾ وفاقي تعليمي ادارن جي پيش ڪيل سمري ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سفارشن جي روشني ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ 227 استادن جي مستقل بنيادن تي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي جبري گمشدگين تي ٺاهيل ڪابينا ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ان کان اڳ اڳوڻي نگران گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي کي ان ڪميٽي جي سربراهي ڏني وئي هئي، سندس استعيفيٰ کانپوءِ نگران وزيراعظم جي منظوري سان ڪابينا ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي، نئين سر جوڙيل ڪميٽي جي صدارت قانون ۽ انصاف وارو نگران وفاقي وزير ڪندو. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي سپريم ڪورٽ بلڊنگ ڪميٽي جي تجويز سان اتفاق ڪندي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي لاءِ نئين تعمير ٿيندڙ عمارت ۾ سڄي ڪراچي ۾ مختلف جاين تي قائم سمورين فيڊرل ڪورٽس ۽ ٽربيونلز جي منتقلي ۽ عمارت جي خاڪي ۾ ضروري ترميمون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پنهنجي موجوده عمارت ۾ ڪم جاري رکندي. وفاقي ڪابينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري جي حوالي سان پيش ڪيل سمري تي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان بلوچستان ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽس جي فيصلن جي روشني ۾ لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ جي انتظامي بورڊ کي فعال ڪيو وڃي ته جيئن چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري جي حوالي سان قانوني گهرجون پوريون ڪري سگهجن. وفاقي ڪابينا ڪينابيس ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2024ع جي اصولي منظوري ڏيندي ان کي ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ان اٿارٽي تحت ملڪ ۾ ڀنگ جي پوکيءَ، ايڪسٽريڪشن، ريفائننگ ۽ طبي ۽ صنعتي استعمال جي حوالي سان ضروري ضابطا جوڙي سگهبا. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 ڊسمبر 2023ع، 15 ڊسمبر 2023ع ۽ 20 ڊسمبر 2023ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا حڪومتي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 28 ڊسمبر 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 22 ڊسمبر 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں