GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ڀارت عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقي والاريل سرينگر ۾ ڪانفرنس جي ذريعي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

image

باغ – 23 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي – 20 ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيندڙ ملڪن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارت عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقي والاريل سرينگر ۾ ڪانفرنس جي ذريعي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ڪشميري عوام مودي کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، ڀارت اهڙي قسم جا ڊراما ڪرڻ بدران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشميرين کي انهن جي راءِ جو حق ڏي، جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو قدم واپس نه ٿو وٺي ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، سدائين ڪشميرين جي جدوجهد سان گڏ بيٺل هونداسين، پاڪستان امن پسند ملڪ آهي جڏهن ته ڀارت دهشتگردي ۾ ملوث آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرينگر ۾ جي – 20 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي خلاف هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن عوامي ميڙ ۾ آزاد ڪشمير ۽ سڄي پاڪستان مان سياسي پارٽين جا اڳواڻ شريڪ آهن جنهن تي انهن جو ٿورائتو آهيان، احتجاجي جلسي ۾ ڪشميرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت تي انهن جو پڻ ٿورائتو آهيان، ڪشميرين مودي جي جي – 20 ڪانفرنس جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، نريندر مودي والاريل ڪشمير ۾ ڊرامو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هن هڪ سال دوران هر فورم تي ڪشميرين جو آواز موثر طور تي بلند ڪيو آهي، ڪشميري عوام سان نسلن جو تعلق ۽ ساٿ آهي، آئون پنهنجي خاندان جي ٽئين نسل آهيان جيڪو ڪشميرين جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته ڀارت سمجهي ٿو ته اسان ڪشميرين کي وساري ڇڏينداسين، اسان شهيدن جا وارث آهيون، سڄي زندگي ڪشميرين جي جدوجهد سان گڏ بيٺل هونداسين، گڏيل قومن پنهنجي قراردادن ۾ ڪشمير مسئلي کي تڪراري علائقو تسليم ڪيو آهي، ڪشميرين کي راءِ جو حق ملڻ کانسواءِ اهو مسئلو حل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي قراردادن موجب راءِ شماري، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ڀارت اسان کي دهشتگرد قرار ڏي ٿو، اسان دهشتگردي کان متاثر ٿيا آهيون، اسان دهشتگردن جا نه دهشتگردي کان متاثر ۽ شهيدن جي نمائندگي ڪريون ٿا، جڏهن اسان مودي کي قاتل ۽ ڪاسائي چئون ٿا ته ان وقت هو روئين ٿا، جڏهن ڀارت کي آئينو ڏيکاريو ويو ته ان تي پورو ڀارت سراپا احتجاج آهي، ان جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، هن پاڪستاني پرڏيهي وزير جي سَر جي قيمت لڳائي، ڇا اهو ڪم دهشتگرد ڪن ٿا يا سياسي پارٽيون ڪن ٿيون، اصل دهشتگرد ڀارت آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشميرين جي جدوجهد سان ڀارت جي اصليت بي نقاب ٿي وئي آهي. هن چيو ته جي – 70 پلس چائنا ۽ او آءِ سي جي اجلاسن سميت هر فورم تي ڪشميرين جو آواز بلند ڪيو آهي. هن چيو ته جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جو ڪيل هڪطرفو قدم واپس نه ٿو وٺي ان وقت تائين نتيجاخيز ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ڀارت کي کلي ڇوٽ نه پئي ڏئي سگهياسين، ان ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران ڀارتي عوام ۽ ميڊيا کي سڌوسنئون حقيقتن کان آگاهه ڪيو، انهن کي ٻڌايو ته ڪشميرين ۽ مسلمانن بابت انهن کي ڪوڙ ٻڌايو پيو وڃي، اسان دهشتگرد نه آهيون، اسان امن پسند آهيون ۽ امن چاهيون ٿا، سمجهوتا ايڪسپريس تي حملي ۽ گجرات تي دهشت پکيڙيندڙ دهشتگرد آهن، ڀارت ۾ شدت پسند تنظيمن مسلمانن سميت اقليتن ۽ دلتن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت دهشتگردي ڇڏي ته اسان سمورا مسئلا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اسان ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوج جي موجودگي ۾ سياحت ڪيئن فروغ وٺندي، والاريل ڪشمير جيل بڻجي چڪو آهي، ڀارت کي هتي سياحت کي فروغ ڏيڻو آهي ته ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏي. هن چيو ته ڪشميري پنهنجي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا، دنيا جي ڪا طاقت هر ظلم ۽ حربو انهن کي آزادي کان نه ٿو روڪي سگهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري عوام راءِ شماري جي ذريعي پنهنجو آزادي جو حق حاصل ڪري رهندي، اهي بندوق، دهشت ۽ طاقت جي زور تي نه پر جمهوري انداز ۾ پنهنجي راءِ شماري جو حق حاصل ڪندا. هن چيو ته نام نهاد جمهوري ملڪ ڀارت ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏيڻ کان ڊڄي ٿو. هن چيو ته انهن ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن گڏيل قومن جي تسليم ٿيل قراردادن کي سامهون رکندي اصولي موقف اختيار ڪري سرينگر جي تڪراري علائقي ۾ جي – 20 سياحت ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي، چين، ترڪيه ۽ سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون جو انهن مودي جي دعوت رد ڪري ڇڏي، ان ڪانفرنس ۾ جيڪي ملڪ شرڪت ڪري رهيا آهن انهن گهٽ سطح جا نمائندا موڪليا آهن ۽ اهي احتجاج طور ان ۾ شريڪ ٿيا آهن. هن چيو ته ان ڪانفرنس جي انعقاد جي ذريعي ڀارت جو مقصد پورو نه ٿيو، هو دنيا کي اهو ڏيکارڻ چاهيندو هو ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي آهن جڏهن ته ناڪام ڪانفرنس سان ان جو اصل چهرو بي نقاب ٿيو آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته ڀارت گذريل 70 سالن دوران ڪشميرين جي خلاف ڏاڍ جو هر حربو استعمال ڪيو آهي، ڀارت جو ڪو به حربو ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي دٻائي نه سگهيو، ظلم ۽ ڏاڍ سان انهن جا حوصلا ڪمزور نه ٿيا، ڀارت هاڻي جي – 20 ڪانفرنس جو سهارو ورتو آهي پر ان کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، پاڪستان جو هر ٻار ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽئين نسل ڪشميرين جو ڪيس وڙهي رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري ڪيترن ئي ملڪن ان ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي باغ پهچڻ تي عوام جي سمنڊ ان جي ڀرپور آجيان ڪئي.

مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس
متعلقہ مضامین
مزید خبریں