GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

غزه ۾ جنگبندي سان انساني امداد جي پهچ ممڪن بڻائي سگهبي، پاڪستان امن عمل کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ عالمي امن ڪانفرنس گهرائڻ جي حمايت ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس ترجمان

image

اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته غزه ۾ جنگبندي سان انساني امداد جي پهچ ممڪن بڻائي سگهبي، پاڪستان امن عمل کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ عالمي امن ڪانفرنس گهرائڻ جي حمايت ڪري ٿو، نگران وزيراعظم پهرين کان 2 ڊسمبر تي گڏيل عرب امارات ۾ موسمياتي عالمي ڪانفرنس (ڪوپ – 28) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي تي پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هن هفتي پاڪستان ڊينمارڪ، سوئيڊن ۽ فن لينڊ سان جدا جدا ٻطرفي سياسي مشاورت ڪري رهيو آهي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) ايمبيسڊر شفقت علي خان انهن ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ان مشاورتي عمل سان خطي ۾ پاڪستان کي دوست ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي وسيع معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ ماحوليات، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي، تعليم ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جي امڪانن کي ڳولڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ گهڻ رخي ايجنڊا بشمول موسمياتي تبديلي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو ملندو. ترجمان چيو ته ڊينمارڪ سان ٻطرفي سياسي مشاورت 21 نومبر 2023ع تي ٿي جنهن ۾ ڊينمارڪ پاران پرڏيهي پاليسي بابت انڊر سيڪريٽري اينڊرس تانگ فريبرگ قيادت ڪئي. ٻنهي ڌرين سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، ماحول دوست توانائي ۽ عوامي رابطا رکندڙ ٻطرفن لاڳاپن جي سموري دائره ڪار جو وڏي پئماني تي جائزو ورتو. ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ڌرين ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت اسٽاڪ هوم ۾ ٿي رهي آهي جڏهن ته فن لينڊ سان سڀاڻي هيلسنڪي ۾ ٿيندي. سوئيڊش وفد جي قيادت ايشيا ۽ بحرالڪاهل جي شعبي جو سربراهه آسڪر شلٽر ۽ عالمي معاملن جي ڊائريڪٽر جنرل ڊيگ جوهلن – ڊيفيلٽ ڪندو. فن لينڊ سان هيلسنڪي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي قيادت فن لينڊ جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جو آمريڪا ۽ ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل جيري سنڪاري ڪندو. ترجمان وڌيڪ چيو ته پوري دنيا وانگر پاڪستان به ان جنگبندي جو شدت سان انتظار ڪري رهيو آهي جيڪا سڀاڻي کان لاڳو ٿيڻ جي اميد آهي. ان سان غزه جي محصور ماڻهن کي خوراڪ، پاڻي، ٻارڻ ۽ ٻي انساني امداد جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو انساني لنگهه قائم ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته پاڪستان امن عمل کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ عالمي امن ڪانفرنس گهرائڻ جي حمايت ڪري ٿو. اسان سمجهون ٿا ته خطي ۾ امن رڳو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته هن هفتي جي شروع ۾ ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، اهو هٿياربند ٽڪراءُ ۾ ٻارن کي لاحق خطري جي ياد ڏياري ٿو، جيئن ته يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو چيو آهي ته غزه اڄ ٻارن جي لاءِ دنيا جي سڀ کان خطرناڪ جڳهه آهي. 7 آڪٽوبر کان هيستائين غزه ۾ اٽڪل 6000 ٻار شهيد ڪيا ويا آهن جيڪو غزه ۾ ٿيندڙ موت جو 40 سيڪڙو آهي. اسان غزه جي انهن ٻارن جي تحفظ جو مطالبو ڪريون ٿا جيڪي انڌاڌنڌ بمباري جا سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن. هن چيو ته اسان کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻارن جي خراب حالت کي پڻ نه وسارڻ گهرجي جيڪي تشدد ۽ ڏاڍ جي ماحول ۾ رهي رهيا آهن. هٿياربند اهلڪارن جي وڏي تعداد ۾ مقرري ۽ طاقت جي بي لغام استعمال والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻارن جي لاءِ صدمي ۽ پريشاني جو ماحول ٺاهي رکيو آهي. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلمن سان اٽڪل 100000 ٻار يتيم ٿي چڪا آهن، ٻارن کي بنا جواز گرفتار، زخمي ۽ شهيد ڪيو ويو آهي. ڀارت کي فوري طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجو ظلم ۽ ڏاڍ ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ٻارن جي حقن جي ڪنوينشن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس 2023ع جي هڪ حصي طور 1، 2 ڊسمبر 2023ع تي ٿيندڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ موسمياتي تبديلي وارو وزير ۽ ماحولياتي رابطا وفد جو حصو هوندا. دبئي ۾ نگران وزيراعظم جي مصروفيتن ۾ سربراهي اجلاس ۾ اعليٰ سطحي تقريبن ۾ شرڪت ۽ شريڪ ملڪن جي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون شامل آهن. هن چيو ته نگران وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو ۽ سمورن شعبن بشمول تخفيف، موافقت، موسمياتي ماليات ۽ لاس اينڊ ڊيميج سميت سمورن شعبن ۾ گڏيل موسمياتي خاطرين تي عملدرآمد تي زور ڏيندو. هو موسمياتي تبديلي جي بحث ۾ برابري ۽ گڏيل پر مختلف ذميوارين جي لاءِ طئي ڪيل اصولن جي مرڪزيت کي اجاگر ڪندو. هو ماحولياتي لحاظ کان ريزيليئنس پيدا ڪرڻ جي لاءِ ويجهي عالمي تعاون جي ضرورت تي پڻ زور ڏيندو. ترجمان چيو ته ڪوپ – 28 ۾ ٻين اسرندڙ ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو ۽ سمورن ماحولياتي خطرن ۾ ورتل اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ڊيميج اينڊ لاس فنڊ کي فعال ڪرڻ سان گڏوگڏ پهرين گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ (جي ايس ٽي) جي بامعنيٰ نتيجن جي ڳولا ڪئي ويندي ۽ پاڪستان ترقي يافته ملڪن کان پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ پڻ ڪندو ته اهي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ موسمياتي ماليات جي طور تي ساليانو 100 بلين ڊالر جي رقم کي موبلائيز ڪرڻ جي پراڻي هدف کي فوري ۽ مڪمل طور تي پورو ڪن. هن چيو ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 28 نومبر 2023ع تي ٿيندڙ پناهگيرن جي اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ عالمي اتحاد بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ بيلجيئم جو دورو ڪندو. هو اهو دورو مائيگريشن آف هوم افيئرز بابت يورپي ڪمشنر زيلوا جوهانسن جي دعوت تي ڪندو. ڪانفرنس ۾ نگران پرڏيهي وزير غيرقانوني هجرت ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن تي روشني وجهندو ۽ يورپي يونين سان تازو ئي شروع ڪيل مائيگريشن اينڊ موبلٽي ڊائيلاگ جي فريم ورڪ جي اندر هجرت جي قانوني رستي کي هڪ قابل عمل متبادل جي طور تي پيش ڪندو.

مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں