GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

يونيورسٽيون شاگردن کي معياري تعليم فراهم ڪن ڇو ته اها ملڪ جي ترقي جي اولين ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image

اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي شاگردن کي معياري تعليم فراهم ڪن ڇو ته اها ملڪ جي ترقي جي اولين ضرورت آهي، تعليم واري وزارت ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن مارڪيٽ ۾ نوڪرين جي گهرج موجب ڪورسز ۽ شعبن کي ڊيزائن ڪرڻ ۾ يونيورسٽين جي مدد ڪن. هو قائداعظم يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان مشڪل معاشي صورتحال مان گذري رهيو آهي پر اميد آهي ته معياري تعليم، قانون جي حڪمراني ۽ انصاف کي يقيني بڻائي جلد ٻيهر عروج حاصل ڪندو. پاڪستان ترقي ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو ۽ جلد ئي ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو سج اڀرندو. تقريب دوران صدر يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ ٽاپ پوزيشن هولڊرز کي ميڊلز ۽ ڪامياب شاگردن کي ڊگريون ڏنيون. ملڪ ۾ طبي شعبي ۾ پيشيور ماڻهن جي کوٽ جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته عورت پيشيور ماڻهن کي پنهنجي ڊگري مڪمل ڪرڻ کانپوءِ معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ جون عورتون تمام گهڻيون محنتي آهن ۽ اهي مردن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن عورتن کي ڪم وارين جاين تي هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اهي آزاداڻي طور تي ڪم ڪري سگهن. صدر چيو ته هن وقت 24 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. حڪومت کي انهن ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ اٽڪل 55000 وڌيڪ اسڪولن جي ضرورت پوندي پر اسان کي انهن ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي. علائقائي انگن اکرن جي ڀيٽ ڪندي صدر روشني وڌي ته ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ اٽڪل 98 سيڪڙو ٻار اسڪولن ۾ داخل آهن. هن چيو ته مسجدن کي جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کانسواءِ تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين کي چيو ته اهي شاگردن جي لاءِ 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام شروع ڪن ڇو ته مارڪيٽ کي هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ بند نه ڪرڻ گهرجي پر زندگي جي هر قدم تي علم حاصل ڪرڻ جو جذبو ظاهر ڪرڻ گهرجي. هن پنهنجي عملي زندگي ۾ قانون جي حڪمراني، انصاف ۽ اخلاقيات کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي وفاقي تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته حڪومت تعليم کي هر سطح تي فروغ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته هن اسلام آباد جي اسڪولن کي سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ڇو ته بنيادي سهولتن کانسواءِ تعليم جو معيار بهتر نه ٿو ٿي سگهي.

مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے
متعلقہ مضامین
مزید خبریں